اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پروفيسر وارث مير ڏاڍ آڏو حق جو ڪلمو پڙهندڙ وطن سان محبت ڪندڙ شخص هو. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف مشهور صحافي، استاد ۽ دانشور پروفيسر وارث مير کي سندس ورسي تي ??را?? عقيدت پ??ش ڪندي چيو ته هو ڏاڍ سامهون حق جو ڪلمو پڙهندڙ ۽ وطن سان محبت ڪندڙ شخص هو. وزيراعظم چيو ته پروفيسر وارث مير سچ لکڻ واري قلم ۽ حق سچ ڳالهائڻ جو وارث ??و. ??ندس حق سچ چوڻ جي روايت سندس بهادر پٽ اڳيان وڌائي رهيا آهن. هن چيو ته هو ان قافلي جو حصو هو جنهن اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو ۽ سچ ڳالهائڻ ۾ ڪنهن مصلحت جو شڪار نه ٿيو. وزيراعظم چيو ته وارث مير پنهنجي ضم??ر ۽ تاريخ جي عدالت ۾ سرخرو ٿيو، الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ سندس پونئرن کي صبر عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر