اسلام آباد/ دوشنبي -25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي دوشنبي ۾ تاجڪ هم منصب مهر الدين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جو تسلسل، ٻه طرفن ناتن جي استحڪام جو مظهر آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جي صدر طور تاجڪستان بهترين قيادت جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم عمران خان سيپٽمبر 2021ع ۾ دوشنبي ۾ م??عق?? ٿيندڙ ??يس سي او سمٽ ۾ شرڪت جو خواهشمند ??هي. شاه محمود قريشي تاجڪ هم منصب کي پاڪستان جي نقطئه نظر کان آگاه ڪندي چيو ته اسان افغانستان ۾ اجتماعيت واري سياسي حل جا حامي آهيون. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو فائدو پوري خطي کي ٿيندو. شاه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن خدانخواسته افغانستان جي صورتحال ۾ بگاڙ پيدا ٿيو ته پورو خطو ان مان متاثر ٿيندو. هن چيو ته منهنجي هن دوري جو مقصد افغانستان جي حوالي سان درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مشاورت سان مربوط حڪمت عملي جوڙ?? آهي. تاجڪستان جي پرڏيهي وزير علائقائي سطح تي افغانستان جي صورتحال تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ لاءِ شاه محمود قريشي جي تجويزن ۽ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي مشاورتي سلسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
اے ایف بی الیکٹرانکس کی سرکاری تفریحی ویب سائٹ: آپ کے انٹرٹینمنٹ کا نیا مرکز
-
Majestic Treasure: تفریح کا شاہی خزانہ
-
Little Red Riding Hood رسمی تفریحی لنک
-
Six suspects apprehended by Rangers in Karachi
-
Party wont tolerate any delinquency: Bilawal
-
Butterfly Entertainment سرکاری داخلہ
-
Garuda Gem: گیمنگ کا حیرت انگیز نیا پلیٹ فارم
-
کیسینو آفیشل گیمنگ پلیٹ فارم: محفوظ اور پرکشش گیمنگ کا بہترین ذریعہ
-
MT آن لائن ایماندار بیٹنگ پلیٹ فارم: ایک محفوظ اور قابل اعتماد تجربہ
-
ورجینیا الیکٹرانک: قابل اعتماد تفریحی ویب سائٹ کے ساتھ دلچسپ تجربہ
-
اولمپس گیٹ انٹیگریٹی بیٹنگ پلیٹ فارم: محفوظ اور شفاف شرط بندی کا جدید حل
-
جیک پاٹ سلاٹ مشینیں آفیشل گیم ویب سائٹ کا تعارف اور خصوصیات